سينيٽ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل بابت سُپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف ٺهراءُ اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو

سينيٽر دلاور خان پاران پيش ڪيل ٺهراءُ جي سينيٽر رضا رباني ۽ مشتاق احمد مخالفت ڪئي، ٺهراءُ ۾ چيو ويو آهي ته سُپريم ڪورٽ جو فيصلو قانون کي ٻيهر لکڻ جي ڪوشش آهي فيصلو پارليامينٽ جي قانونسازي واري اختيار تي اثرانداز ٿيڻ جي به ڪوشش آهي، پاڪ فوج تي حملا ڪندڙن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ٽرائل آئيني ۽ قانوني دائري هيٺ آهي، عدالتي فيصلو فوج ۽ سويلين شهيدن جي قربانين کي ضايع ڪري ٿو