سيوهڻ: انڊس هاءِ وي تي ٻن گاڏين ۾ آمهون سامهون ٽڪر، 5 ڄڻا فوت، 6 زخمي

سيوهڻ ڀرسان انڊس هاءِ وير وڊ تي 2 ڪارن ۾ آمهون سامهون ٽڪر جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت جڏهن ته 6 زخمي ٿي پيا. ريسڪيو اختيارين زخمين ۽ فوت ٿي ويلن جا لاش مانجهند اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا آهن. مسافر ڪار سيوهڻ کان حيدرآباد طرف وڃي رهي هئي، حادثو غلط ڊرائيونگ سبب پيش آيو. پوليس اختيارين موجب شروعاتي جاچ ۾ خبر پئي آهي ته حادثو ڪار ڊرائيور طرفان غلط سائيڊ تي ڪراسنگ ڪرڻ سبب پيش آيو جنهن سبب قيمتي جانين جو نقصان ٿيو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي انتظاميه کي زخمين جو بهترين عالج ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪريون ڇڏيون آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته فوت ٿي ويل ماڻهن جي خاندانن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي، هن عوام کي اپيل ڪئي ته ڊرائيورنگ جي اصولن تي عمل ڪيو وڃي ۽ تيز رفتاري کان پاسو ڪيو وڃي.