دهشتگردي جي امڪانن کي نظر ۾ رکندي سي ٽي ڊي پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ڪارروايون ڪندي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران 8 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي سي ٽي ڊي ترجمان موجب ڪارروايون لاهور، راولپنڊي، گوجرانوالا، ۽ ملتان ۾ ڪيون ويون آهن. لاهور کان القاعده جا 2 اهم اڳواڻ ڪاشان ۽ حسن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ترجمان موجب دهشتگردن کان بارودي مواد، ڊيٽونيٽرز، موبائيل فون، حفاظتي فيوز ۽ روڪ رقم به هٿ ڪئي وئي آهي ترجمان موجب دهشتگردن جي سڃاڻپ لياقت، حسن، ڪاشان، گل ڪريم، ايوب خان، امير معاويه ۽ رضوان جي نالي سان ٿي آهي. سي ٽي ڊي ترجمان چيو آهي ته دهشتگردن جي خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي سي ٽي ڊي ترجمان موجب هلندڙ هفتي 336 ڪومبنگ آپريشن دوران 135 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، ڪومبنگ آپريشن ۾ 16784 ماڻهن کان پڇاڳاڇا ڪئي وئي. ترجمان موجب سي ٽي ڊي محفوظ پنجاب جي حدف تي عمل ڪري رهي آهي. دهشتگردي جي ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون.