سي پيڪ معاهدن تي نظرثاني کان انڪار: عالمي بينڪ پاڪستان جو 500 ملين ڊالر قرض ملتوي ڪري ڇڏيو

عالمي بينڪ سي پيڪ جي تحت بجلي جي خريداري جي معاهدن تي نظر ثاني سميت اهم شرطن تي عمل نه ڪرڻ سبب پاڪستان جو 500 ملين ڊالر جو قرض ملتوي ڪري ڇڏيو. ميڊيا رپورٽ موجب نئون بجيٽ سپورٽ لون نه ڏيڻ جو هم اهم سبب اهو آهي ته پاڪستان پنهنجو ڪوٽا وڏي حد تائين ختم ڪري ڇڏيو آهي. حڪومتي ذريعن ٻڌايو ته عالمي بينڪ 500 کان 600  ملين ڊالر جو قرض ملتوي ڪري ڇڏيو جنهن جو مقصد پاڪستان کي سستي ۽ صاف توانائي فراهم ڪرڻ هو. جون 2021 ۾ عالمي بينڪ پاڪستان کي توانائي جي حوالي سان  تعاون جي پروگرام جي منظوري ڏئي 400 ملين ڊالر جي پهرين قسط فراهم ڪئي هئي پر بينڪ جي وڌيڪ رقم ڏيڻ جي شرط هئي. اهڙين شرطن ۾ سي پيڪ جي تحت چيني پاور پلانٽس جي سيٽ اپ سميت سمورين آءِ پي پيز سان ڳالهيون ڪرڻ به شامل هو. پاڪستاني اختيارين موجب سي پيڪ پاور پلانٽس سان گڏ ٻيهر ڳالهين ۾ ڪابه اڳڀرائي نٿي ٿي سگهي.