اسلام آباد:پاڪستان بار ڪائونسل سپريم ڪورٽ بل تي حڪم امتناع خلاف سڀاڻي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب پاڪستان بار ڪائونسل جي انتظام هيٺ آل پاڪستان بار ڪائونسل جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ پاڪستان بار ڪائونسل ۽ صوبائي بار ڪائونسل جي عهديدارن شرڪت ڪئي.اجلاس کان پوءِ پاڪستان بار ڪائونسل جي ميمبرن صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته سڀني کي آئين ۽ قانون جي اختيار ۾ رهي ڪم ڪرڻو پوندو. چونڊن جي لاءِ ٻين معاملن کي به آڏو رکڻ گهرجي.پاڪستان بار ڪائونسل موجب صوبائي اسيمبلي جي ٽوڙڻ جو سوموٽو اڳ ئي وٺڻ گهرجي ها. پاڪستان بار جي وائيس چيئرمين هارون الرشيد چيو ته سپريم ڪورٽ 2 ججز جي چوڻ تي سروس ميئر ۾ پاڻمرادو نوٽيس ورتو.هارون الرشيد چيو ته چونڊن بابت هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس ٻڌڻي هيٺ هجڻ جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ چيف جسٽس 90 ڏينهن ۾ چونڊن جو حڪم ڏنو. اصل پاڻمرادو نوٽيس غير ضروري طور تي اسيمبليون ٽوڙڻ تي هجڻ گهرجي ها.هن چيو ته ڀارتي سپريم ڪورٽ پنهنجي قيام کان هينئر تائين صرف 2 سوموٽو ورتا. ڀارتي سپريم ڪورٽ ٻئي سوموٽو سمورن سپريم ڪورٽ جي ججز سان مشاورت کان پوءِ ورتا. هن چيو ته لاهور ۾ هڪ سوڪالڊ گول ميز ڪانفرنس ٿي، اهڙي گول ميز ڪانفرنس کي رد ڪريون ٿا.هارون الرشيد چيو ته اسان جو پراڻو مطالبو ته پاڻمرادو نوٽيس تي اپيل جو حق ڏنو وڃي. هن چيو ته سمورن صوبن ۾ وڪيلن کي ايڪٽو ڪنداسين. 29 تاريخ تي ڪوئٽه ۾ لائرز ڪنوينشن منعقد ٿيندو. عدالت حڪم امتناع واپس نه ورتو ته احتجاج جو سلسلو جاري رهندو ان سلسلي ۾ سڀاڻي سڄي ملڪ ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو.