لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) جي چيئرمين عمران خان جيل ڀريو تحريڪ معطل ۽ چونڊ مهم جي شروعات جو اعلان ڪري ڇڏيو.ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو ته ڪي پي ڪي ۽ پنجاب ۾ چونڊن بابت پاڻمرادو نوٽيس تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا. آئين کي بحال رکڻ سپريم ڪورٽ جي ذميواري هئي، جنهن کي انهن اڄوڪي فيصلي کان پوءِ سٺي طريقي سان پورو ڪيو آهي.عمران خان وڌيڪ چيو ته جيل ڀريو تحريڪ کي هاڻ معطل ڪندي اسان خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ چونڊ مهم هلائينداسين. ياد رهي ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ فيصلو ٻڌائيندي ٻنهي صوبن ۾ چونڊون 90 ڏينهن ۾ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.