سپريم ڪورٽ جي ايڊيشنل رجسٽرار جوڊيشل نذر عباس توهين عدالت جو شوڪاز نوٽيس چيلينج ڪري ڇڏيو آهي. ايڊيشنل رجسٽرار جوڊيشل نذر عباس توهين عدالت جي ڪارروائي تي حڪم امتناع جاري ڪرڻ جي استدعا به ڪئي آهي. سپريم ڪورٽ ايڊيشنل رجسٽرار جوڊيشل نذر عباس جي انٽرا ڪورٽ پيل تي 6 رڪني بينچ جوڙي ڇڏي آهي. جسٽس جمال خان مندوخيل جي سربراهي ۾ بينچ جوڙيو ويو آهي جنهن ۾ جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس اطهر من الله، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس شاهد وحيد ۽ جسٽس مسرت بلالي به شامل آهن. سپريم ڪورٽ نذر عباس جي انٽرا ڪورٽ اپيل 27 جنوري تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي. 6 رڪني لارجر بينچ 27 جنوري ڏينهن جو هڪ وڳي انٽرا ڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي ڪندو. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سپريم ڪورٽ ايڊيشنل رجسٽرار جوڊيشل نذر عباس کي سنگين غلطي جو حقدار قرار ڏيندي عهدي تان هٽائي ڇڏيو هو. سپريم ڪورٽ جي پڌرائي ۾ رجسٽرار سپريم ڪورٽ کي ايڊيشنل رجسٽرار جوڊيشل جي معاملي کي ڏسڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي. پڌرائي موجب ايڊيشنل رجسٽرار جوڊيشل آئيني بينچ جو ڪيس غلطي سان ريگولر بينچ جي سامهون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو. نتيجن سپريم ڪورٽ ۽ ڌرين جو وقت ۽ وسيلا ضايع ٿيا.