وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُالله چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي 2 سينئر ججز جوڪيترن ئي معاملن ۾ اهڙو رويو آهي جو انهن جي خلاف ريفرنس ٺاهي سگجي ٿو. هڪ انٽرويو ۾ راڻا ثناءُالله چيو ته اوهان اهڙي پروپيگنڊا جا حقدار بڻجندو جنهن سان پورو ادارو بدنام ٿئي ته انهي کي مس ڪنڊيڪٽ سان جوڙي سگهجي ٿو، اهو معاملو ڪڏهن به ڪابينه ۾ بحث هيٺ ناهي آيو. هن چيو ته 2 جج سپريم ڪورٽ ۾ ڪم هلڻ نه پيا ڏين هر معاملي تي اختلاف ڪن ٿا، بائيڪاٽ ڪن ٿا ۽ خط لکن ٿا. هن چيو ته عدليه ۾ اهڙا ججز ويٺل آهن جنهن ملڪ تي حڪمراني ڪئي، اهي چپڙاسي کان وٺي ملڪ جي وزيراعظم کي پنهنجي سامهون بيهاري ٿا ڇڏين، هي پاڻمرادو نوٽيس جي نالي تي جنهن کي دل چاهي ٿو پنهنجي سامهون بيهاري ٿا ڇڏين. هن وڌيڪ چيو ته ججز جي مقرري ۽ بدلين جو پراڻو اصول اسان تبديل ناهي ڪيو، جسٽس منصور علي شاهه ججز جي مقرري ۽ بدلين جي حوالي سان پاڻ فارمولو ڏنو هو، حڪومت انهي جي بنياد تي آئيني ترميم ڪئي ته اها غلط ڪيئن ٿي سگهي ٿي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن جوڊيشل ڪميشن سپريم ڪورٽ ۾ 6 ججز جي مقرري جي منظوري ڏني هئي، پر جسٽس منصور ۽ جسٽس منيب اختر جوڊيشل ڪميشن جي اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو هو.