سپريم ڪورٽ ريويو آف آرڊر اينڊ ججمينٽ ايڪٽ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ سپريم ڪورٽ ريويو آف آرڊر اينڊ ججز ايڪٽ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. تفصيل موجب سپريم ڪورٽ سپريم ڪورٽ ريويو آف آرڊر اينڊ ججز ايڪٽ بابت متفقه فيصلو ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جو فيصلو ٻڌايو. عدالتي فيصلي ۾ جسٽس منيب اختر جو اضافي نوٽ پڻ شامل آهي سپريم ڪورٽ ريويو آف آرڊر اينڊ ججز ايڪٽ خلاف داخل درخواستون ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتيون. عدالت چيو ته سپريم ڪورٽ نظرثاني ايڪٽ آئين جي خلاف آهي، پارليامينٽ پنهنجي حدن کان تجاوز ڪيو. تفصيلي سبب بعد ۾ جاري ڪيا ويندا. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ ڪيس جي 6 ٻڌڻين کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪيو هو، متاثر ڌر کي ايڪٽ جي آرٽيڪل 184-3 تحت ڪيس جي فيصلي خلاف اپيل جو حق ڏنو ويو هو سپريم ڪورٽ 19 جون تي ريويو آف آرڊرز اينڊ ججز ايڪٽ خلاف داخل درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪيو هو. چيف جسٽس عمر عطابنديال جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ ريويو آف آرڊرز اينڊ ججز ايڪٽ خلاف داخل درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. تحريڪ انصاف جي وڪيل علي ظفر دليل مڪمل ڪيا. چيف جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏيندي چيو ته سمورن درخواستگذارن جا ٿورائتا آهيون، سمورا درخواستگذار پنهنجا دليل به لکت ۾ جمع ڪرائين مدد مهيا ڪرڻ لاءِ لکيل جواب ۾ حوالا شامل ڪريو. فيصلو جلد ٻڌايو ويندو، ڏسندا ڪيس جو ڇا ٿو ٿئي. عدالت وڪيلن کي لکت ۾ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي هئي. جڏهن ته 7 جون تي ٿيل ٻڌڻي ۾ تحريڪ انصاف جي وڪيل بئريسٽر علي ظفر چيو ته اهو ئي معاملو پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ اٿاريو ويو، سپريم ڪورٽ ان تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جو پابندي مڙهيل حڪم نظرثاني ايڪٽ تي به لاڳو ٿئي ٿو، پنجاب سپريم ڪورٽ چونڊ نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي ڪري سگهي ٿي. عدالت نظرثاني ايڪٽ جو فيصلو اچڻ تائين چونڊن تي نظرثاني واري فيصلي تي پابندي لڳائي سگهي ٿي. جڏهن ته قومي اسيمبلي سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي نظرثاني لاءِ سپريم ڪورٽ ريويو آف ججز اينڊ آرڊر بل 2023 جي منظوري ڏئي ڇڏي.