سپريم ڪورٽ طرفان فوجي عدالتن ۾ سويلين جي ڪيسن جي اجازت ڏيڻ افسوسناڪ آهي: اسد قيصر

 پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو آهي ته سپريم ڪورٽ طرفان فوجي عدالتن ۾ سويلينز جا ڪيسز ٻڌڻ جي اجازت ڏيڻ افسوسناڪ عمل آهي. هاءِ ڪورٽ ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي اسد قيصر چيو ته اسان آزاد عدليه چاهيون ٿا. هن ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني چاهيون ٿا، سپريم ڪورٽ طرفان ملٽري ڪورٽ ۾ سويلينز جي ڪيسز جي اجازت ڏيڻ افسوسناڪ عمل آهي. هن چيو ته رياست جيڪي اسان جي مٿان ڪيس داخل ڪيا آهن انهن تي به ڏک پهتو آهي. ڪالهه اسان جون ڳالهيون ٿيون آهن. اسان 3 مطلبا سامهون رکيا آهن، جيڪو ڪارڪنن سان سلوڪ ٿي رهيو آهي، گرفتار ڪارڪنن کي آزاد ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. انهي کان علاوه 9 مئي ۽ 24 نومبر جي واقعن جي جوڊيشل انڪوائري جو مطالبو ڪيو آهي. اسد قيصر چيو ته اسان عدالتن تي دٻاءُ جي خلاف آهيون، اسان چاهيون ٿا ته عدالتن ۾ آزادي سان فيصلا ڪيا وڃن. هن وقت قوم جي سامهون ڳالهيون رکيون آهن گارنٽي نٿا ڏئي سگهون. هن چيو ته عمران خان جي خلاف سمورا ڪيسز انتقامي آهن، اسان صرف انصاف چاهيون ٿا، ايترا  ڪيسز داخل ڪيا ويا آهن جو اهم ڪيسز جي اهميت ئي ختم ٿي وئي آهي. پارليامينٽريز تي دهشتگردي، قتل ۽ غداري جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته سويلينز جا ڪيسز ملٽري ڪورٽ ۾ ٻڌڻ جي فيصلي تي مايوسي ٿي، پرامن احتجاج هر شهري جو حق آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪنهن به ڪارڪن نقصان نه ڪيو آهي، اسان جي جدوجهد آئين ۽ قانون جي بالادستي جي لاءِ آهي.