سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ قاسم سوري جي ملڪيت جا تفصيل طلب ڪندي ان جي پرڏيهه وڃڻ تي وفاق ۽ ايف آءِ اي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ 4 رڪني بينچ اڳوڻي قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي تڪ ۾ ٻيهر چونڊن جي فيصلي خلاف اپيل تي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ قاسم سوري جو وڪيل نعيم بخاري عدالت ۾ پيش ٿيو ٻڌڻي دوران چيف جسٽس نعيم بخاري کان سوال ڪيو ته ڇا اوهان جو قاسم سوري سان رابطو نه آهي؟ جنهن تي نعيم بخاري جواب ڏنو ته منهنجو قاسم سوري سان رابطو نه ٿيو آهي، چيف جسٽس چيو ته اوهان پنهنجي ڪلائنٽ کي پڪڙي ته نٿا آڻي سگهو، قاسم سوري کي ٻڌائي ڇڏيو ته سپريم ڪورٽ کي ائين استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين چيف جسٽس چيو ته قاسم سوري سپريم ڪورٽ کان حڪم امتناع وٺي ويهي رهيو، ڇا حڪم امتناع کان پوءِ ڪيس نه هلندو، قاسم سوري حڪم امتناع تي غيرآئيني قدم کنيو، هڪ قرارداد کي جواز بنائي عدم اعتماد جي تحريڪ کي رد ڪيو ويو. نعيم بخاري معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي استدعا ڪندي چيو ته عدالت قاسم سوري جي اپيل رد ڪري غير حاضري جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته پوءِ قاسم سوري جي ملڪيت جا تفصيل گهرائي ٿا وٺون، نعيم بخاري چيو ته ملڪيت جا تفصيل گهرائڻ تي ته مئل ماڻهو به قبر مان پيش ٿي ويندو آهي. جسٽس مسرت بلالي وڪيل نعيم بخاري کي چيو ته اوهان عدالت کان ڇو ڀڄي رهيا آهيو؟ اوهان قاسم سوري کي اسان جو پيغام پهچايو، نعيم بخاري جواب ڏنو منهنجو قاسم سوري سان ڪوبه رابطو نه آهي، پيغام ڪيئن اماڻيان؟ جنهن کان پوءِ ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ تي عدالت حڪم نامو لکرايو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اخبارن ۾ اشتهار جاري ڪيو ويو پر قاسم سوري عدالت ۾ پيش نه ٿيو ۽ وڪيل نعيم بخاري جو به قاسم سوري سان ڪوبه رابطو نه آهي. وفاقي حڪومت، بلوچستان حڪومت ۽ ايف آءِ اي کي نوٽيس جاري ڪيو وڃي ٿو. حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته بلوچستان حڪومت قاسم سوري جي سموري ملڪيت جا تفصيل عدالت ۾ جمع ڪرائي ۽ وفاقي حڪومت ۽ ايف آءِ اي عدالت کي آگاهه ڪري ته قاسم سوري ڪيئن پرڏيهه روانو ٿيو.