سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ قومي ايئر لائين جي نجڪاري روڪڻ جو حڪم واپس وٺي ڇڏيو آهي.جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ آئيني بينچ قومي ايئر لائين جي نجڪاري بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ قومي ايئر لائين انتظاميه کي نئين پروفيشنلز ڀرتي ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي. حڪومت قومي ايئر لائين جي نجڪاري جو عمل شروع ڪيو هو، نجڪاري سبب قومي ايئر لائين ۾ نيون ڀرتيون ناهن ڪيون ويون، قومي ايئر لائين نجڪاري جو عمل ٻيهر شروع ڪري رهيو آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته قومي ايئر لائين فلائيٽ آپريشن تي به پابندي ختم ٿي وئي آهي.ٻڌڻي دوران جسٽس امين الدين ريمارڪس ڏنا ته ٻيهر نجڪاري جي عمل ۾ هاڻ شايد ريٽ وڌيڪ ملي جڏهن ته جسٽس جمال مندوخيل پڇيو ته قومي ايئرلائين نجڪاري ڪري حڪومت ڪٿي سپريم ڪورٽ جي حڪم جي ڀڃڪڙي ته نه ڪري رهي آهي.؟جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ته سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو هو ته نجڪاري عدالت کي ڀروسي ۾ وٺي ڪئي وئي جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته نجڪاري تي ڀروسي ۾ وٺڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي هئي، جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته عدالت پنهنجي ڀروسي جو اظهار ڪري ٿي، قومي ايئر لائين جي نجڪاري بهتر طريقي سان ڪريو.جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ قومي ايئرلائين جي نجڪاري روڪڻ جو حڪم واپس وٺندي درخواست کي اڪلائي ڇڏيو.