سپريم ڪورٽ آف پاڪستان مان لکين روپين جي ماليت جا 2 ڪمپيوٽر چوري ٿي ويا آهن. ڊائريڪٽر آءِ ٽي سپريم ڪورٽ جي درخواست تي سيڪريٽريٽ ٿاڻي ۾ ڪمپيوٽر سسٽم چوري ٿيڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر جي متن موجب ڪمپيوٽرز کي ٽئين فلور جي ڪمري ۾ شفٽ ڪيو ويو هو جتان کان اهي چوري ٿي ويا، سينئر ڊپٽي ڊائريڪٽر نيٽ ورڪ ٻڌايو ته 2 نوان ڪمپيوٽر موجود نه آهن. داخل ڪيل ايف آءِ آر موجب نون ڪمپيوٽرز ۾ سي پي يو ۽ ايل سي ڊيز شامل هيون، سي سي ٽي وي ۾ ٻن ملازمن فيصل ۽ زاهد کي شڪي حرڪتون ڪندي ڏٺو ويو. چوري ٿيل ٻنهي ڪمپيوٽرز جي ماليت 6 لک روپيه ٻڌائي وئي آهي. پوليس جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ کان پوءِ معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.