سپريم ڪورٽ نيب ترميم فيصلي خلاف حڪومتي اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميم فيصلي جي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي وفاقي حڪومت جي انٽرا ڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي اڱاري تي ٿيندي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ پنج رڪني لارجر بينچ ٻڌڻي ڪندو جسٽس امين الدين، جسٽس جمال خان ۽ جسٽس اطهر من الله بينچ ۾ شامل آهن. جسٽس حسن اظهر رضوي به لارجر بينچ جو حصو هوندا. سپريم ڪورٽ ڪيس جي وڪيلن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن سپريم ڪورٽ بي نامي جي تعريف، آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۽ ثبوت استغاثه تي منتقل ڪرڻ جي نيب ترميم ڪالعدم قرار ڏني آهي جنهن کان پوءِ سياستدانن جا 50 ڪروڙ کان گهٽ ماليت جي ڪرپشن جا ڪيس هڪ دفعو ٻيهر نيب ڏانهن منتقل ٿي ويا هئا.