سپريم ڪورٽ ٻار جو ماهوار خرچ 25 هزار مقرر ڪرڻ خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ ۾ مختلف فيملي ميٽرز جي دوران چيف جسٽس پاڪستان اهم ريمارڪس ڏنا جڏهن ته سپريم ڪورٽ ماهوار خرچ 25 هزار روپيه مقرر ڪرڻ واري فيصلي خلاف اپيل کي رد ڪري ڇڏيو ڍيف جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته فيملي ميٽرز ۾ معاوضن جي ادائيگي جون اپيلون سپريم ڪورٽ ۾ نه اچڻ گهرجن. هيٺيون عدالتون معاوضو طئي ڪنديون، اهو معاملو هاڻ ختم ٿيڻ گهرجي چيف جسٽس چيو ته معاوضن جي ادائيگين جي رقم ۾ سپريم ڪورٽ وچ ۾ نه پوندي. درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ننڍي ٻار لاءِ 25 هزار ماهوار خرچ تمام گهڻو آهي، جنهن تي جسٽس شڪيل احمد ريمارڪس ڏنا ته اوهان جو پنهنجو ٻار آهي ته 25 هزار وڌيڪ نه آهن جنهن کان پوءِ عدالت ماهوار خرچ 25 هزار مقرر ڪرڻ جي فيصلي خلاف اپيل کي رد ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس يحيٰ خان آفريدي جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.