سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جو سيڪشن 4 لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج

لاهور: سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جي سيڪشن 4 کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي.عدالت سڳوري ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ وفاقي حڪومت ۽ صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي بذريعه پرنسپل سيڪريٽري ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست مشڪور حسين ايڊووڪيٽ نديم سرور جي حوالي سان داخل ڪئي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ٻنهي ايوانن مان سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل منظور ٿي ايڪٽ بڻجي چڪو آهي. ايڪٽ جي سيڪشن 4 ذريعي سوموٽو فيصلي خلاف اپيل جو حق ڏنو ويو آهي.درخواستگذار جو چوڻ آهي ته سوموٽو جي فيصلي خلاف اپيل جو حق ڏيڻ آرٽيڪل 184 ۽ 185 جي ڀڃڪڙي آهي. اپيل جو حق صرف آرٽيڪل 184 ۽ 185 ۾ ترميم ڪري ئي ڏئي سگهجي ٿو.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جي سيڪشن 4 کي ڪالعدم قرار ڏئي ۽ درخواست جي حتمي فيصلي تائين سيڪشن 4 تي عملدرآمد روڪيو وڃي.