چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ ۾ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف درخواستن تي ٻڌڻي شروع ٿي وئي آهي سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف درخواست تي ٻڌڻي فل ڪورٽ ڪري رهيو آهي جسٽس اعجازالاحسن ريمارڪس ڏنا آهن ته پارليامينٽ رولز نٿو ٺاهي سگهي نه ئي رولز ٺاهڻ لاءِ قانونسازي ڪري سگهي ٿو موجوده قانون جي اختيار ۾ رهي رولز ۾ تبديلي جو اختيار صرف سپريم ڪورٽ وٽ آهي چيف جسٽس چيو ته آئين چوي ٿو ته سپريم ڪورٽ پنهنجي پريڪٽس اينڊ پروسيجر جي رولز ٺاهڻ لاءِ بااختيار آهي سپريم ڪوٽ آئين کان مٿانهان رولز ٺاهيندو آهي ته ڪير ته ياد ڏياريندو ته آئين جي دائري ۾ رهو جسٽس اعجازالاحسن چيو آئين ته اڳ ئي سپريم ڪورٽ کي پابند ڪري ٿو ته آئين ۽ قانون موجب رولز ٺاهيا وڃن. جڏهن ته چيف جسٽس پاڪستان عابد زبيري پڇاڻو ڪندي چيو ته وقت گهٽ آهي تڪڙ ۾ منهنجي سوال جو جواب ڏيو ته سبجيڪٽ ٽو لا کي ڪڍي ڇڏيون ته رولز ٺاهڻ جي اختيار تي ڪهڙو فرق پوندو جسٽس منيب اختر چيو ته آئين ۽ قانون موجب رولز ٺاهڻ جي لاءِ پابند ڪرڻ جو مطلب آهي موجوده قانون موجب رولز تيار ٿيندا جڏهن ته چيف جسٽس قاصي فائز عيسيٰ چيو اڄ اسان اهو ڪيس ٻڌي رهيا آهيون ۽ اسان جي اداري ۾ ڪيسز جو بار وڌي رهيو آهي. اڄ ڪيس کي ختم ڪرڻو آهي پنهنجا دليل جلد کان جلد ختم ڪريو