سپريم ڪورٽ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن بابت پاڻمرادو نوٽيس جي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ٻنهي صوبن ۾ چونڊون 90ڏينهن ۾ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ٻن ججز جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس جمال مندوخيل فيصلي سان اختلاف ڪيو.چيف جسٽس عمر عطا بنديال گذريل ڏينهن محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس جو لکت ۾ به فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. فيصلو 13 صفحن تي ٻڌل آهي ۽ جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس منصور علي شاهه جي اختلافي نوٽ 2 صفحن تي ٻڌل آهن.سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ چونڊون 90 ڏينهن ۾ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. سپريم ڪورٽ فيصلو ٻن جي مقابلي ۾ ٽن جي اڪثريت سان ڏنو آهي. بينچ جي اڪثريت درخواستگذارن کي رليف ڏنو آهي.ٻنهي ججز پنهنجي اختلافي نوٽ ۾ چيو ته چونڊن بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو اڳ ئي موجود آهي. چونڊن بابت پاڻمرادو نوٽيس نه پئي ٺهيو. ٽن ججز جي اڪثريت سان عدالت فيصلو ٻڌايو.چيف جسٽس عمر عطا بنديال فيصلي ۾ چيو آهي ته اسيمبلي ٽٽڻ جي 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ لازمي آهي. چيف جسٽس ٻن ججز جا اختلافي نوٽ به پڙهي ٻڌايا.سپريم ڪورٽ طرفان جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو آهي ته گورنر ڪي پي ڪي چونڊن جو اعلان نه ڪري ذميواري کان انحراف ڪيو، گورنر ڪي پي ڪي صوبي ۾ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري، صدر اليڪشن ڪميشن سان مشاورت ڪري پنجاب ۾ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري.