سپريم ڪورٽ 8 فيبروري جي چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ عام چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست کي رد ڪندي درخواستگذار علي خان تي پنج لک روپيه ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس مسرت بلالي تي ٻڌل 3 رڪني بينچ 8 فيبروري جي عام چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي جي شروعات تي ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته علي خان جي گهر تي پوليس به وئي، دفاع واري وزارت ذريعي نوٽيس به اماڻيو، علي خان گهر ۾ نه آهي نوٽيس سندس گيٽ تي لڳايو ويو آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڇاڻو ڪيو ته علي خان ڪير آهي؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته اهو اڳوڻو بريگڊيئر آهي جنهن جو 2012 ۾ ڪورٽ مارشل ٿيو هو ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ اڳواڻ شوڪت بسترا روسٽرم تي آيو پر عدالت شوڪت بسرا کي ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏني. شوڪت بسرا چيو ته منهنجو تعلق پي ٽي آءِ سان آهي ۽ هن ڪيس ۾ ڪجهه چوڻ چاهيان ٿو جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اوهان هن ڪيس ۾ درخواستگذار به نه آهيو ۽ اوهان جو وڪيل به نه آهي ان لاءِ اوهان ويهي رهو. چيف جسٽس شوڪت بسترا کي روسٽرم تان هٽائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي درخواستگذار شهري علي خان چونڊن ۾ ڌانڌلي جي جاچ ۽ ٻيهر چونڊن جي استدعا ڪئي هئي پر درخواستگذار جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت درخواست کي رد ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ درخواستگذار جي پيش نه ٿيڻ تي سندس مٿان 5 لک روپيه ڏنڊ به لڳائي ڇڏيو چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو ته 19 فيبروري تي اسان جي آفيس کي هڪ اي ميل آئي آهي اها اي ميل ويريفڪيشن برانچ کي علي خان طرفان اماڻي وئي جنهن ۾ علي خان ٻڌايو ته مان پرڏيهه ۾ آهيان 13 فيبروري تي قطر ايئرويز جو ٽڪيٽ وٺي دوحا پوءِ بحرين هليو ويو. عجيب ڳالهه آهي درخواست داخل ڪئي ۽ ٻئي ڏينهن پرڏيهه هليو ويو چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته انهي اي ميل جي باري ۾ اسان جي برانچ به ڪنفرميشن ڪئي آهي هي ساڳيو شخص آهي. درخواستگذار اي ميل ۾ لکيو آهي ته ملڪ کان ٻاهر آهيان ۽ درخواستگذار اي ميل ۾ درخواست واپس وٺڻ جي استدعا ڪئي آهي. علي خان لکيو آهي ته پرڏيهه هجڻ سبب عدالت ۾ پيش نٿو ٿي سگهان. جڏهن ته اي ميل ۾ بورڊنگ پاس، ٽڪيٽ ۽ بحرين وڃڻ جا سمورا سفري دستاويزات لڳايا ويا آهن چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته دستاويزات موجب درخواستگذار دوحه کان ڪنڪٽنگ فلائيٽ ذريعي بحرين ويو عجيب ماڻهو آهن سستو هجڻ سبب ماڻهو ريٽرن ٽڪيٽ وٺندا آهن. هن ون وي ٽڪيٽ ورتو، لڳي ٿو ته علي خان سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري پبلسٽي لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪيو آهي. جنهن کان پوءِ عدالت عام چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست کي رد ڪندي درخواستگذار علي خان تي پنج لک روپيه ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو ياد رهي ته ان کان اڳ 18 فيبروري تي ڪيس جي ٻڌڻي جي شروعات تي درخواستگذار طرفان ملڪ ۾ 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏئي ٻيهر ڪرائڻ جي درخواست واپس وٺي ڇڏي هئي. جنهن تي چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو هو ته ڪيس هر حالت ۾ ٻڌنداسين درخواستگذار کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.