سپريم ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججز جي پگهارن ۽ هائوس رينٽ ۾ اضافو، نوٽيفڪيشن جاري

وفاقي سرڪار سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججز جي پگهارن ۽ هائوس رينٽ الائونس ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو قانون ۽ انصاف واري وزارت طرفان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب اعليٰ عدالتي الائونس  ۾ اتازي اضافي سان جج جي پگهار 20 لک روپين کان به مٿي ٿي ويندي. وقتي صدر يوسف رضا گيلاني جي صحيح سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ججز جو هائوس رينٽ 65 هزار مان وڌائي 3 لک 50 هزار روپيه ڪيو ويو آهي، اهڙي طرح ججز جو اعليٰ عدالتي الائونس به 342.431 روپين مان وڌائي هڪ ڪروڙ 90 هزار روپيه ڪيو ويو آهي. جڏهن ته جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته  گاڏين جي حوالي سان هڪ پاليسي ٺاهي وڃي جنهن ۾ پيٽرول، سار سنڀال، ڊرائيور ۽ بين بينچ سفر شامل آهن. ذريعن موجب اسلام آٻاد هاءِ ڪورٽ قانون واري وزارت کي چيو هو ته هو ججز جي گهرن جي ڀاڙن کي 65000 روپين مان وڌائي اسلام آباد ۾ گذريل سالن جي دوران گهرن جي ڀاڙن ۾ اضافي کي ڏسندي نظر ثاني ڪئي وڃي.