سڄي دنيا ۾ اڄ محسنِ ڪائنات حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جِي ولادت جو جشن ملهايو پيو وڃي

پاڪستان سوڌو سڄي دنيا ۾ اڄ ٻنهي جهانن جَي سردار، محسنِ ڪائنات ۽ پيغمبر آخرالزمان حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جِي ولادت جو جشن وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي حضور پاڪ صه جشن آمد جَي موقعي تي مسجدن سان گڏ گهر ۽ گهٽيون رنگين روشنين سان جَرڪڻ لڳيون، سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ جشن ميلاد النبي صلي الله عليه وآله وسلم جَي موقعي تي ريلين ۽ تقريبن جو سلسلو جاري آهي هر وستي واهڻ ۾ يا رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جون صدائون بلند آهن، ڪراچي ۾ مرڪزي ريلي مميڻ مسجد کان نڪري نشتر پارڪ تي ختم ٿيندي، سيڪيورٽي لاءِ اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن لاڙڪاڻي شھر، نئون ديرو، رتوديرو، ڏوڪري، باڊهه، باقراڻي مان ريليون ڪڍي نبي ڪريم صه جي آمد جي ڏينهن تي عبادتگاھن گھرن توڙي عمارتن کي سينگاريو ويو، جڏهن ته انتظاميه طرفان ھر سال جيال هن سال به حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا آهن پڊعيدن ۾ جشن عيد ميلادالنبي صه جي ريلي نصرت ڪئنال پل کان برآمد ٿي، پاڻ سڳورن جي آمد جي خوشي ۾ نڪتل ريلي ۾ سوين عاشقانه رسول پاران مرحبا يا مصطفيٰ جون صدائون بلند ڪيون ويون پنگريو ۾ ھزارين عاشقان رسول صه پاران مختلف علائقن مان ننڍيون ريليون ڪڍي پنگريو بائي پاس پھتا، جنهن بعد بائي پاس کان سمن شاهه روڊ تان گذرندي پريس ڪلب تائين پھتي جتي قاري عبدالباسط مولوي، مٺن سڪندري مولوي رمضان لنڊ ۽ ٻين شان رسول ڪريم صه تي روشني وڌي ڪنڊيارو ۾ محسن ڪائنات آقا محمد مصطفيٰ صلعم جي ولادت واري ڏهاڙي جي سلسلي ۾ مختلف هنڌن تان ريليون ڪڍيون ويون، دولتپور ۾ به صفن جشن عيد ميلاد النبي صه ريليون ڪڍيون ويون ڪنري ۾ ٻنھي جھانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صه جي جشن ولادت جي موقعي تي مرڪزي جامع مسجد مان جشن عيد ميلاد نبي جلوس ڪڍيو ويو جنهن جي اڳواڻي خليلي جماعت جي روحاني پيشوا پير محمد ايوب جان سرھندي ۽ مولانا محمد صالح خليلي ڪئي جنهن ۾ ھزارن جي تعداد ۾ عاشقان رسول صه شرڪت ڪئي سيڪيورٽي لاءِ پوليس ۽ رينجرز جا اھلڪار مقرر ڪيا ويا، مرڪزي جلوس جي روٽ تي مختلف ھنڌن تي پاڻي جون سبيلون ۽ لنگر جو اھتمام ڪيو ويو، ھر طرف لبيڪ يا رسول الله صه جون صدائون بلند ڪيون ويون ڦل، ڇاڇرو، پنگريو، سنجر چانگ، ڪوٽ لالو، همايون شريف، دولتپور صفن، گاجي کهاوڙ، کپرو، ٺل، مديجي، ميان صاحب، ڪريم بخش کوسو، سن، کڏڙو ۽ ٻين شهرن ۾ به ٻنھي جھانن جي سردار حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جو يوم ولادت پوري جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي.