سڄي سنڌ جيان سلطانپور ۾ به ثقافتي ڏهاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، ڳوٺ جلال انڍڙ کان سلطانپور پريس ڪلب تائين سياسي سماجي اڳواڻن ۽ نوجوانن جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ ٽوپي اجرڪ پائي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ريلي ۾ شريڪ نوجوانن پاران قومي گيتن تي جهمريون هنيون ويون، ان موقعي تي ريلي ۾ موجود ماڻهن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندن اڄوڪو ڏينهن عيد جي ڏينهن کان گهٽ ناهي کين بيحد خوشي ٿي آهي اسين سنڌي ثقافتي ڏهاڙو مذهبي ڀائيچاري اسان جي ثقافت، سنڌو درياءَ اسان جي معيشت جي سري هيٺ ملهائي ايندڙ نسل کي اهو پيغام ڏنو آهي ته سنڌ جي هڪ پنهنجي الڳ ثقافت ۽ تهذيب آهي سنڌ جا ماڻهو پرامن آهن، هو سنڌوء جا وارث آهن، هنن چيو ته اسان جا نوجوان ۽ شاگرد تمام ذهين آهن، جيڪي هر شعبي ۾ پنهنجو پاڻ ملهائي رهيا آهن جيڪڏهن کين پليٽ فارم مهيا ڪيو وڃي ته هي هر شعبي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سنڌ ۽ سنڌ جي ثقافت کي پوري دنيا اندر روشن ڪري سگهن ٿا، تنهن ڪري انهن کي پنهنجا حق ڏنا وڃن، هنن چيو ته سنڌوء جي پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙو بند ڪري سنڌ جو زمينون بنجر بڻائڻ کان روڪيو وڃي سنڌوء مان نڪرندڙ ڪئنال ختم ڪيا وڃن ۽ پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي