سڄي ملڪ جيان حيدرآباد ۾ به ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڊويزنل ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي

سڄي ملڪ جيان حيدرآباد ۾ به ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ شهباز بلڊنگ کان پوسٽ آفيس تائين ڊويزنل ڪمشنر بلال احمد ميمڻ ۽ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪڍيل ريلي ۾ ايڊيشنل ڪمشنر 2 عبدالخالق بلوچ، اسسٽنٽ ڪمشنر قاسم آباد حتف سيال، اسسٽنٽ ڪمشنر لطيف آباد سعود لنڊ، اسسٽنٽ ڪمشنر سٽي بابر صالح، ڊسٽرڪٽ پوليس جي آفيسرن، عورتن، شاگردياڻين ۽ شاگردن کان علاوه ٻين کاتن جي آفيسرن اسٽاف ڀرپور طريقي سان شرڪت ڪري ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار جو مظاهرو ڪيو. ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪڍيل ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن جي هٿن ۾ ڪشمير جي آزادي ۽ حق ڏيارڻ جي سلسلي ۾ بينرز، پينافليڪس هئا، انهي موقعي تي ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد ميمڻ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته  هي ڏينهن اسان يوم خود اراديت اسان ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار طور ملهائيندا آهيون. ڪشميري مسلمانن جي سياسي ۽ جيستائين به مدد ڪري سگهون ٿا اها جاري رکنداسين. اڄ حيدرآباد ڊويزن سميت  سموري ضلعي جو جوش ڏسڻ وٽان آهي جنهن ۾ ضلعي جي سمورن آفيسرن، پوليس، شاگردن، شاگردياڻين ۽ عورتن ڀرپور طريقي سان شرڪت ڪندي پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪري رهيا آهن. حيدرآباد سميت پاڪستان جي عوام ڪشميري سان گڏ بيٺل آهي ۽ هميشه انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل هوندي. انهي موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر حيدراباد زين العابدين ميمڻ چيو ته اڄوڪي ڏينهن اسان دنيا کي پيغام  ڏيڻ چاهيون ٿا ته پاڪستان هڪ پرامن ملڪ آهي ۽ ڪشميري پاڪستان جي اهم رڳ آهن. گڏيل قومن 1948 کان جيڪي به قراردادون پاس ڪرڻ شروع ڪيون هيون انهي تي عمل ڪرڻ تمام گهڻو ضروري آهي. هن چيو ته اها ڏک جهڙي ڳالهه آهي ته گڏيل قومن به ڪشمير جي سلسلي ۾ قراردادون پاس ڪيون  پر انهي تي عمل ڪرڻ بجاءِ 2019  کان هينئر تائين جيڪا به جارحيت ۽ بربريت هندوستان ڪشمير سان ڪئي ۽ آرٽيڪل 130 کي ختم ڪيو اهو سڀ فڪر جوڳو عمل آهي جنهن سبب اسان  جي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان ظلم جي انتها ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته اسان پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهيون، هن وڌيڪ چيو ته گڏيل قومن جيڪي به قراردادون پاس ڪيون آهن انهن تي عمل ڪرائڻ جي لاءِ اسان جون ڪوششون جاري رهنديون.