سڄي ملڪ جيان ڪنڌڪوٽ ۾ به ستين 07 ڊيجيٽل مردم شماري جي شروعات ڊپٽي ڪمشنر آفيس ڪشمور اندر ربن ڪٽي ڪئي وئي

سڄي ملڪ جيان ڪنڌڪوٽ ۾ به ستين 07 ڊيجيٽل مردم شماري جي شروعات ڊپٽي ڪمشنر آفيس ڪشمور اندر ربن ڪٽي ڪئي وئي . تقريب اندر پوليس , ٽنهي تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنر ,مردم شماري واسطيدار عملدارن شرڪت ڪئي . ان موقعي تي عاطف احمد سي ڊي او مردم شماري ٻڌايو ته سڄي ضلعي اندر 87 ٽيمون ڪم ڪنديون هر ٽيم اندر 05 کان 07 انيميٽر جيڪي گهر وڃي ڊيجيٽل وسيلي مردم شماري ڪندا .ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ته ايندڙ ستين ڊجيٽل آدمشماري 01 مارچ 2023ع کان شروع ڪئي وئي آهي ، اهو هڪ قومي ڪاذ آهي جنهن کي سر انجام ڏيڻ توهان ۽ اسان جو فرض آهي.
هن وڌيڪ چيو ته آدمشماري دوران ڊيوٽي ڪندڙ عملي جي حاضري کي يقيني بڻايو وڃي، ته جيئن ڪو به گھر ۽ ماڻهو ڳڻپ کان رهجي نه وڃي.