سڄي ملڪ ۾ اڄ علامه اقبال جو 147هون جنم ڏينهن ملهايو پيو وڃي

 مفڪر پاڪستان ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جو 147هون يوم ولادت اڄ سڄي ملڪ ادب ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي. علامه اقبال جي يوم ولادت جي موقعي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ  علامه اقبال جي مزار تي گارڊز تبديلي جي هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي. پاڪ بحريه جي دستن علامه اقبال جي مزار تي اعزازي گارڊز جا فرض سنڀاليا. جڏهن ته پنجاب رينجرز جي دستي مزار تي پنهنجي فرضن تان سبڪدوش ٿيندي رخصت ٿي ويو. پاڪستان نيوي جي ڪمانڊر سينٽرل پنجاب ريئر ايڊمرل اظهر محمود گارڊز ۾ شامل پاڪستان رينجرز ۽ پاڪ بحريه جي دستن جو معائنو ڪيو. گارڊز جي مقرري کان پوءِ قومي شاعر جي مزار تي اميرالبحر ايڊمرل نويد اشرف، پاڪ بحريه جي آفيسرن، سيلرز ۽ نيوي سويلينز طرفان گلن جي چادر چاڙهي وئي.