سکر(بيورورپورٽ)مهر برادري پاران صالح پٽ پوليس جي زيادتين خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج، سخت نعريبازي، ملوث پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو

سکر:مهر برادري پاران صالح پٽ پوليس جي زيادتين خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج، سخت نعريبازي، ملوث پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو. ان سلسلي ۾ صالح پٽ جي ڳوٺ ڄام مهر سان تعلق رکندڙ مهر برادري جي ماڻهن پوليس جي زيادتين خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو،ان موقعي تي مظاهرين عامر مهر، منور، صدام، ستار ۽ ٻين ٻڌايو ته صالح پٽ ٿاڻي جو ايس ايڇ او ذوالفقار چاچڙ اسان جي عمران علي، جيڪو زرعي ٻج جو ڪاروبار ڪندو آھي کي ٿاڻي تي گهرايو ۽ کيس ناحق قيد ڪري سندس کائنس  سي ڊي 70 موٽرسائيڪل ۽ هڪ لک رپيا روڪ رقم ڦر ڪري ورتا آھن.جڏهن هو ٿاڻي تي پهتا ته ان جي آزاديءَ لاءِ پنجاهه هزار ٻيا ادا ڪرڻ باوجود هن بيگناهه کي ٻن ڏينهن تائين تشدد جو نشانو بڻائي آزاد ڪندي ڌمڪايو آھي ته جيڪڏهن مهنجي خلاف ڪٿي داهيو ته ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کيس هاف يا فل فرائي ڪري ڇڏيندس۔مظاهرين آء جي سنڌ۔ڊي آء جي سکر۔ياس ايس پي سکر سميت لاڳاپيل اختيارن کان ايس ايڇ او صالح پٽ خلاف ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي۔