سکر(بيورورپورٽ) تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي مرڪزي امير سعد حسين رضوي جي سڏ تي مهانگائي زلاف ڏنل هڙتال واري سڏ تي سکر ۾جزوي

سکر(بيورورپورٽ) تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي مرڪزي امير سعد حسين رضوي جي سڏ تي مهانگائي زلاف ڏنل هڙتال واري سڏ تي سکر ۾جزوي هڙتال۔لوڪل ٽرانسپورٽ يوز جي معمول جيان هلندي رهي۔مک بازرن ۾ به مڪمل شٽر بند هڙتال نه ڪئي وئي جڏهن ته پوليس ۽ رينجرز پاران شهر جو گشت جاري رهيو جڏهن ته تحريڪ لبيڪ ضلعي سکر۔روهڙي۔صالح پٽ جي ڪارڪنن بئراج روڊ واري علائقي مان احتجاجي ريلي ڪڍي سکر پريس ڪلب ٻاهران مظاهرو ڪيو۔مظاهرين کي خطاب ڪندي ٽي ايل پي سکر ڊويزن جي امير عبدالوي۔ضلعي امير عرض محمد ڀٽو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته گزريل پنجهتر سالن کان حڪمرانن سياسي اشرافيا ملڪ کي لٽيو آھي عوام جي ٽيڪس وارن پئسن مان دوبئي۔لنڊن۔آمريڪا سميت ٻين ملڪ ۽ پاڪستان جي وڏن شھرن ۾ بنگلا ۽محل ٺاهيا آھن پر عوام اڄ به ٻن ويلن جي ماني لاء پريشان آھي۔حڪمرانن جي عياشين سبب ملڪ مقروض ٿي ويو آھيپيٽرول مصنوعات سميت عام استعمال ۽ واهپي شين ۾ ايترو اضافو ٿيو آھي جو خريدڻ وس ۾ ناهي رهيو۔اڳواڻن حڪمرانن کان مطالبو ڪيو ته جيڪڏهن مهانگائي ختم نه ٿا ڪري سگهو ته استعيفائون ڏئي هليا ويا وڃو ملڪ کي آء ايم ايف ۽ آمريڪا جي رحم ڪرم تينه ڇڏيو۔