سکر(بيورورپورٽ) سکر جي دارلامان مان مبينه فرار ٿي ويل ناري غلام ظهرا واري مامري نئون رخ اختيار ڪري ورتو ناري کي وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ان سلسلي ۾ نار غلام ظھرا جي ڀاء مجيب الرحمان پٽ حاڪم علي مهر سکر پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪندي الزام هنيو آھي

سکر(بيورورپورٽ) سکر جي دارلامان مان مبينه فرار ٿي ويل ناري غلام ظهرا واري مامري نئون رخ اختيار ڪري ورتو ناري کي وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ان سلسلي ۾ نار غلام ظھرا جي ڀاء مجيب الرحمان پٽ حاڪم علي مهر سکر پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪندي الزام هنيو آھي ته سندس ڀيڻ غلام ظھرا کي دارلامان سکر جي انچارج مدثرا نامعلوم ماڻھن کي پئسن عيوض وڪرو ڪري فرار ٿيڻ جو ڊرامو رچايو آھي ۔مجيب مهر وڌيڪ ٻڌايو آھي ته سندس ڀيڻ کي جوابدار مرتظي شيخ شادي ڪرڻ لاء گهران ڀڄائي ويو هو جنهن بعد شادي ڪرڻ کان اڳ کين سائيٽ ايريا ٿاڻي جي پوليس پڪڙي ورتو هو جنهن بعد غلام ظھرا کي دارلامان سکر موڪليو هو ۽ مرتظي ٿاڻي تا لاڪ اپ هو ۔دارلامان انتظاميا غلام ظھرا بابت ڪجھ به نه پئي ٻڌائي جنهن سبب غلام ظھرا جي حياتي خطري ۾ آھي هن لاڳاپيل اختيارن کان غلام ظھرا جي ڳولها ڪرائي کيس ظاهر ڪرڻ جي اپيل ڪئي آھي۔