سکر(رپورٽ محمد قاسم ملڪ )سکر نيشنل پريس ڪلب جي سالياني چونڊن ۾ ورڪنگ جرنلسٽس پئنل جو صدر امداد ڦلپوٽو ۽ جنرل سيڪريٽري پرويز خان وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ورتي،

سکر: نيشنل پريس ڪلب جي سالياني چونڊن ۾ ورڪنگ جرنلسٽس پئنل جو صدر امداد ڦلپوٽو ۽ جنرل سيڪريٽري پرويز خان وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ورتي، اليڪشن ڪمشنر تاج رند، ملوڪ بليدي ۽ مھتاب انصاري تي مشتمل ٽي رڪني ڪميٽي اليڪشن ڪرائي، جڏهن ته پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس سنڌ جي صدر سعيد جان بلوچ، اطلاعات کاتي جي ڊائريڪٽر جهانگير ابڙو ۽ يوسي چيئرمين عبدالسميع پيرزادو اليڪشن جي نگراني ڪئي، ان موقعي 23 رجسٽرڊ ووٽرن ۾ 23 ڄڻن ئي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو، ان موقعي تي ورڪنگ جرنلسٽس پئنل جي امداد ڦلپوٽو صدر جي عهدي تي 22 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي جڏهن ته مخالف گرين پئنل جو اميدوار ڪي بي شيخ رڳو هڪڙو ووٽ حاصل ڪري سگهيو، نائب صدر تي ورڪنگ جرنلسٽس پئنل جي اميدوار عارف ميمڻ 21 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته مخالف گرين پئنل جي اميدوار طور عبدالحميد دل 2 ووٽ حاصل ڪيا، جنرل سيڪريٽري جي عهدي تي ورڪنگ جرنلسٽس پئنل جي اميدوار پرويز خان 23 ووٽ حاصل ڪيا ۽ مخالف گرين پئنل جي اميدوار پراگ شرما هڪ به ووٽ حاصل نه ڪري سگهيو، اهڙي طرح خزانچي جي عهدي تي گرين پئنل جو اميدوار سيد ڪامران علي 21 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي جڏهن ته مخالف ورڪنگ جرنلسٽس پئنل جي اميدوار فقير عادل ابڙل رڳو ٻه ووٽ حاصل ڪيا، جڏهن ته آفيس سيڪريٽري جي عهدي تي گرين پئنل جو اميدوار شبير جوڳي 16 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو ان جي مقابلي ۾ ورڪنگ جرنلسٽس پئنل جو اميدوار آدم شمباڻي 7 ووٽ حاصل ڪري سگهيو، اليڪشن ڪمشنر تاج رند جي اعلان مطابق اليڪشن ۾ ورڪنگ جرنلسٽس پئنل جا صدر، نائب صدر ۽ جنرل سيڪريٽري ڪامياب ٿيا جڏهن ته گرين پئنل جو خزانچي ۽ آفيس سيڪريٽري ڪامياب ٿيا، جڏهن ته ورڪنگ جرنلسٽس پئنل جا چار اميدوار سينئر نائب صدر رئوف عباسي، ڊپٽي سيڪريٽري عاشق جتوئي، اسسٽنٽ سيڪريٽري شاهد سولنگي ۽ پريس سيڪريٽري ارشاد ڊنڊڻ اڳواٽ ئي بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن، نئين چونڊيل صدر امداد ڦلپوٽو ۽ جنرل سيڪريٽري پرويز خان اعلان ڪيو ته جن دوستن اسان تي اعتماد ڪيو آهي انهن جي اميدن تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪنداسين، صحافين جي ڪالوني ۽ صحت انشورنس ڪارڊ جهڙا مسئلا حل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين، ان موقعي تي اطلاعات کاتي سکر جي ڊائريڪٽر جهانگير ابڙو چيو ته صحافين جي اهڙي جهموري انداز ۾ اليڪشن سٺو سنئوڻ آهي، سنڌ حڪومت صحافين جي ترقي ۽ ڀلائي لاءِ ڪوشان آهي، پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس سنڌ جي صدر سعيد جان بلوچ چيو ته ڪراچي پريس ڪلب سميت مون مختلف پريس ڪلبن جون اليڪشن ڏٺيون آهن پر صحافين جي اهڙي شفاف ۽ منظم اليڪشن ڪٿي به ناهي ڏٺي، سکر سمال ٽريدرس جي صدر حاجي جاويد ميمڻ چيو ته نيشنل پريس ڪلب جي صحافين پهريون ڀيرو جمھوري روايتن جي پاسداري ڪئي آهي، اميد ته هن جمهوري روايت کي برقرار رکيو ويندو، جيئي سنڌ قومي محاذ سکر جي صدر مصطفي ڦلپوٽو چيو ته نيشنل پريس ڪلب جا اليڪشن ڏسي اڄ خبر پئي ته صحافين جا به اليڪشن ٿيندا آهن، پهريون ته صرف اهو ٻڌندا هئاسين ته فلاڻو صدر ۽ فلاڻو جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويا آهن، ان موقعي تي پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي صوبائي اڳواڻ محمد بچل مهر، وڪيل اڳواڻ ايڊووڪيٽ قربان بلوچ، ايڊووڪيٽ سڪندر جوڻيجو، ايڌي فائونڊیشن سکر جي اڳواڻ گل مهر، سياسي سماجي اڳواڻ سليم حبيب ميمڻ، جي يو آئي سکر جي جنرل سيڪريٽري بابو مهر، ڪامن مين ويلفيئر ايسوسيئيشن جي سربراہ آغا طاهر مغل، شيخ ويلفيئر ايسوسيئيشن جي اڳواڻ محمد حنيف شيخ، هيومن رائيٽس يونٽي فائونڊیشن سکر جي صدر وڪي لالا ميمڻ، سياسي سماجي اڳواڻ شاهد شيخ، آل پاڪستان سومرا ايسوسيئيشن سکر جي جنرل سيڪريٽري محمد اسماعيل سومرو، آل پاڪستان گهنڃا ايسوسيئيشن سکر سٽي جي صدر ضمير گهنڃو، شهيد بينظير ڀٽو ويلفيئر ايسوسيئيشن سکر جي صدر ممتاز مهر، وائس چيئرمين نثار وسير ۽ ٻين چيو ته سکر نيشنل پريس ڪلب طرفان اليڪشن وارو عمل انتهائي ساراه جوڳو آهي.