سکر:سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ليبر ڪالوني فليٽس جي الاٽمينٽ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت گهوٽڪي

سکر:سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ليبر ڪالوني فليٽس جي الاٽمينٽ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت گهوٽڪي ۽ خيرپور جي سيشن ججن کي ليبر ڪالونين جو دورو ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ليبر کاتي کي ٽن مهينن ۾ الاٽمينٽ جو عمل مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي سيڪريٽري ليبر ۽ ڪمشنر سي سي ايس  کي تفصيلن سان گڏ ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪيو ويو آهي، ٻڌڻي 6 مارچ تائين ملتوي تفصيل موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جي ججن جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل ڊبل بينچ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي اڳواڻ سينيئر صحافي لالا اسد پٺاڻ پاران ليبر ڪالوني ۾ فليٽ جي الاٽمينٽ ۽ ان ۾ صحافين کي به شامل ڪرڻ واري معاملي جي ٻڌڻي ڪئي. .سکر يونين آف جرنلسٽس جي صدر امداد بوزدار، نائب صدر خالد ٻانڀڻ، ڪورٽ رپورٽرز ايسوسي ايشن جي صدر سليم سهتو، جنرل سيڪريٽري مورڙو مهر، انس گهانگهرو،اشفاق …