سکر(رپورٽ محمد قاسم ملڪ )صحافي اجي لالواڻي قتل ڪيس ۾ صدارتي ايوارڊ لاءِ نامزد ٿيل اجي لالواڻي جي ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ڏينهن درخواستگذار ۽ وڪيل زبير احمد راجپوت جي نيشنل پريس ڪلب ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس،
سنڌ هاءِ ڪورٽ رضا شاهه ۽ جميل شاهه جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي، عدالت ۾ ٻنهي جوابدارن ظاهر ڪيو ته اسان جو ڪو به تعلق ناهي، اجي لالواڻي جي قتل کان ٽي ڏينهن اڳ ٻنهي جوابدارن ۾ رابطو هو، سي ڊي آر موجود آهي، انهن سان گڏ تصويرون به آهن، جنهن جا ثبوت عدالت ۾ پيش ڪيا، ايس ايڇ او عاشق ميراڻي اجي لالواڻي جي فوت ٿيڻ کان اڳ اجي سان ملاقات ڪئي پر ملاقات کي نظر عام نه ڪيو، پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ تي سڄي ملڪ جي صحافين جو پيادل مارچ ڪيو، جنهن بعد پوليس جوابدار اڪبر منڱريو کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن بعد جانب ميراڻي، رضا شاهه، جميل شاهه ۽ غلام مصطفيٰ کي گرفتار ڪيو ويو، انهن سمورن جوابدارن جا پاڻ ۾ لاڳاپا هئا، جنهن بعد پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، اسان جوابدارن بابت سمورا ثبوت عدالت ۾ پيش ڪيا،
پهريون ته اجي لالواڻي ۽ سندس ٻن ڀائرن کي ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪئي ، اجي لالواڻي اهو به چيو ته عنايت شاهه سندس خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي، اجي لالواڻي ميڊيا ذريعي مقامي مسئلن کي اجاگر ڪيو، جنهن سبب اتي جي بااثر ماڻهن اجي لالواڻي کي حراسان ڪيو، 17 مارچ تي گوليون هڻي زخمي ٿيل نوجوان 18 مارچ تي فوت ٿي ويو، دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي پهرين جج شڪيل حيدر شاهه جوابدارن جي طرف توجهه هئي ۽ ان وقت ڪورٽ جو انچارج به جج هو، ان ڪري اسان اعتراض اٿاري ڪيس جي پيروي نه ڪئي، دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هاڻي نوان جج اچي ويا آهن، انهن مان انصاف جي اميد آهي، اسان کي عدالتن مان ئي انصاف جون اميدون آهن ، اجي لالواڻي قتل ڪيس جو اکين ڏٺو شاهد نريش ڪمار حادثي ۾ فوت ٿيو پر ٽرڪ نريش ڪمار جي موٽرسائيڪل کي ٽڪر پر موٽرسائيڪل کي ڪو به نقصان نه پهتل هو ، پر نريش ڪمار بيدردي سان مارجي ويو، اجي لالواڻي قتل جو اڻڄاتل ڪيس داخل ٿيو، اهڙيءَ ريت مدعي ۽ مائٽ قتل ٿيل آهن، مدعي ۽ ٻيا لاڳاپيل ماڻهو عدم تحفظ جو شڪار آهن،جوابدار ۽ سندس خاندان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.