سکر:صحت جو نگران صوبائي وزير ڊاڪٽر سعد خالد نياز سکر، خيرپور ۽ پنوعاقل جي اسپتالن جو پڻ دورا ڪيا ۽ سويٽ هوم سکر, پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جي واٽر سپلائي اسڪيم ۽ غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج سکر جو دورو ڪيو

نگران وزير جي ايم ايم سي اندر جنرل وارڊ, پيڊز وارڊ, ايمرجنسي وارڊ, نيوٽريشن وارڊ, گيسٽرو وارڊ سميت مختلف وارڊن جو دورو ڪندي هدايت ڏيندي چيو ته ينگ ڊاڪٽرز جي 6 مهينن کان رهتو پگهارن سميت اسپتالن جا سمورا مسئلا جلد حل ڪيا ويندا جڏهن ته اسپتال اندر مريضن تي خاص توجھ ڏني وڃي ۽ صفائي سٿرائي تي خيال رکيو وڃي صفائي سٿرائي سڀني تي لازم آهي عوام به ان جو خيال رکي اسان مسلمان اهو ڄاڻو ٿا ته صفائي نصف ايمان آهي, هن چيو ته اسپتالن اندر اسٽاف جي ڪمي ڪري ڪم متاثر آهي, اسپتال ۾ ايم آر آئي مشين ۽ سي ٽي اسڪين سميت سمورا مسئلن بابت لکت ۾ ڏنو وڃي ته جيئن انهن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪري سگهجي. هن چيو ته اسپتال اندر دوائن جي ڪمي هرگز نه هئڻ گهرجي جيڪڏهن دوائن جي کوٽ ٿي ته ان ۾ اسپتال انتظاميه جي نااهلي هوندي. ان موقعي تي ڪورونا جو ڊاڪٽر نگران وزير سان ملاقات ڪري چيو ته ڪافي مهينن کان پگهارون بند آهن جنهن تي نگران صوبائي وزير چيو ته اهو ڪووڊ جي ڊاڪٽرن ۽ ٻئي عملي سان سراسر ناجائزي آهي جيسيتائين ڪووڊ هئي هنن کي ترجيحي بنيادن تي ڏٺو پيو وڃي هاڻي هنن جو قدر نه آهي هن چيو ته توهان جو ڪم جلد حل ڪيو ويندو. نگرن صوبائي وزير سعد خالد نياز ايم ايس جي ايم ايم سي سکر کي هدايت ڏيندي چيو ته ڊاڪٽرن ۽ اسٽاف کي صاف سٿرن واش رومز سميت هر ممڪن سهولتون مهيا ڪيون وڃن هن چيو ته اسپتال اندر جيڪي مسئلا درپيش آهن انهن بابت لکت ۾ ڏنو وڃي ته جيئن جلد اهي سمورا مسئلا حل ڪري سگهجن. هن چيو ته هن سسٽم کي ٺيڪ ڪرڻ لا ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيا آهيون. ان کان اڲ نگران صوبائي وزير سعد خالد نياز روهڙي ۾ جاري واٽر ٽريٽمنٽ پلانٽ فار واٽر سپلائي اسڪيم جو دورو ڪيو ۽ ان بابت پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جي آفيسرن ۽ انجنيئرن کان اسڪيم بابت پڇاڻو ڪيو ۽ ضروري هدايتون جاري ڪيون. صوبائي وزير سويٽ هوم سکر پهچي ان جي ڪلاسز, ڪمپيوٽر رومز, ڪچن, بيڊرومز سميت مختلف جڲهن جو دورو ڪيو بهتر ڪارڪردگي تي خوشي جو اظهار پڻ ڪيو. ان موقعي تي ايم ايس جي ايم ايم سي ڊاڪٽر زاهد سولنگي, ڊي ايڇ او سکر ڊاڪٽر وزير احمد ڦل, ڊاڪٽرن ۽ ٻين لاڲاپيل عملي شرڪت ڪئي.