سکر(رپورٽ محمد قاسم ملڪ )صدارتي انعام لاء نامزد صحافي اجي لالواڻي قتل ڪيس جو معاملو ، دهشتگردي ٽوڙ عدالت سمورن 8 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، اڳوڻي ٽائون چيئرمين عنايت شاهه، وائيس چيئرمين احسان شاهه، اڳوڻو ايس ايڇ او عاشق ميراني عدالت ۾ پيش ٿيا. گرفتار جوابدارن رضا شاهه، جميل شاهه، اڪبر منڱريو، جانب ۽ مصطفيٰ ميراڻي کي به عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. مدعي دليپ ڪمار طرفان ايڊووڪيٽ زبير احمد راجپوت، ۽ جوابدارن طرفان سڪندر جوڻيجو ۽ محفوظ اعواڻ پيش ٿيا، عدالت کان ٻاهر ايڊووڪيٽ زبير احمد ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته عدالت جوابدارن کان قتل جو سبب پڇيو جنهن تي جوابدارن ڏوهه کان انڪار ڪري ڇڏيو، ڪيس جي ٻڌڻي مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي،اسان کي عدالتن تي پورو ڀروسو آهي، انصاف ضرور ملندو، اسان کي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ نئين مقرر ٿيل جج تي مڪمل اعتماد آهي، اڳوڻي جج شڪيل حيدر شاهه جوابدارن کي فائدو رسائڻ چاهي پيو جوابدار اڃا تائين مقتول جي خاندان کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.