سکر ؛ ۾ سمال ٽريڊرز پاران پاڪ فوج جي حق ۾ ريلي ڪڍي وئي.

سکر ؛ ۾ سمال ٽريڊرز پاران پاڪ فوج جي حق ۾ ريلي ڪڍي وئي.ريلي صرافه بازار کان گهنٽا گھر سکر پهتي، ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن پلي ڪارڊ ۽ قومي جهنڊا کڻي پاڪ فوج جي حق ۾ نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي محمد جاويد ميمڻ، اڳوڻو ايم پي اي ديوان چند چاولا، محمد بچل مهر، عبدالرحمان ٽاقب ۽ سياسي، سماجي، مذهبي ۽ ڪاروباري اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪ فوج پاڪستان جي قومي سلامتي سميت سرحدن جي محافظ آهي جيڪا پاڪستان جي سمورن صوبن کي ڳنڍي ٿي، الله پاڪ پاڪ فوج کي جيڪا عزت ۽ عظمت عطا ڪئي آهي اها پوري اسلامي دنيا ۾ آهي ۽ ان جي محبت ۾ ڪير به گهٽتائي نٿو ڪري سگهي. پاڪستاني قوم جي دلن ۾ جيڪا محبت آهي سا محبت ڪوئي گهٽ نٿو ڪري سگهي پاڪستان جي فوج جي تنصيبات جي هڪ گروپ جي طرفان جناح هائوس لاهور جي ڪور ڪمانڊر پشاور ريڊيو پاڪستان جي طرفان، ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ انتهائي غدار ۽ ملڪ دشمن عمل آهي، قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي، واپاري برادري. ملڪ جي حفاظت لاءِ هر موقعي تي پاڪ فوج سان گڏ بيٺل رهندا.