سکر ؛ آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين ڊويزن سکر صالح پٽ پاران ريجن سيڪريٽري شجاعت حسين گھمرو جي مان ۾ شاندار تقريب پڻ رکي وئي، ان موقعي تي ذونل وائيس چيئرمين عبدالخالق ساوند ،ذونل سيڪريٽري عبدالرؤف دایو، ذونل اطلاعات سيڪريٽري نظر محمد میمن، ڊويزن چيئرمين روهڙي جاويد عباسي، دلدار سولنگي، سب ڊويزن صالح پٽ جو چيئرمين منصور ڀٽو، نو ڪاميابي ماڻيندڙ ريجن سيڪريٽري شجاعت حسين گھمرو ۽ ٻين کي مان ڏيندي سنڌ جي ثقافتي ٽوپي اجرڪ جا پڻ تعفه پيش ڪري زبردست خراج تحسين پيش ڪندي پنهنجي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته شجاعت حسين گھمرو هڪ لائق ۽ بي لوث مزدور دوست ۽ يونين دوست ليڊر آهي جنهن هميشه يونين ۽ محنت ڪش کي اجتماعي مفاد کي ذاتي مفادن تي ترجيح ڏني ۽ سڀ کان وڌيڪ محنت ڪندڙ کي ترقي ڏيڻ لاءِ اڳ بهرو رهيو ۽ پڻ اپگريڊ ڪرايو هي مرتبو ان جي محنت جو نتيجو آهي جو يونين جي مرڪزي صدر سائين عبدالطيف نظاماڻي جن احتماد جو اظهار ڪندي ريجن سيڪريٽري جي وڏي ذميواري سندن جي ڪهلن تي رکي، جڏهن ته تقريب ۾ ايم، اينڊ، ئي، جي ذونل چيئرمين اشفاق مهر، اين ڊي جي چيئرمين ڪامران ميراڻي، سميت سب ڊويزن پنوعاقل ۽ ٻين يونين جي ميمبرن پڻ شرڪت ڪئي.