سکر : الرٽ سٽيزل جي چيئر مين سردار الاھي بخش انيل ڀٽي ڪار پينٽ دڪاندار استاد اشو.بابر ڀٽي ۽ ٻين ڊينٽر پينٽر مارڪيٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته

سکر : الرٽ سٽيزل جي چيئر مين سردار الاھي بخش انيل ڀٽي ڪار پينٽ دڪاندار استاد اشو.بابر ڀٽي ۽ ٻين ڊينٽر پينٽر مارڪيٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته شھري آبادين ۾ گيس سلينڊرن جا دڪان کولڻ سراسر ڏوھ جو ڪم آھي.گيس سلينڊرن دماڪي سان ڦاٽندا رھيا ماڻھون سڙندا مرندا رھيا پر انتظاميا غائب ھئي دڪاندار پنھنجي مدد پاڻ تحت زخمين کي ٻاھر ڪڍيو.ھنن چيو ته واقعي کان ھن وقت تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نقھي ٿيو.اھو ڪيس انتظاميا جي ماڻھن مٿان داخل ٿيڻ گھرجي.انتظاميا جي ذميواري آھي ته گاڏين سميت دڪانن جا سلينڊر چيڪ ڪري انھنن جي فٽنس ڪليئر ڪئي وڃي پر سکر ۾ واقعيو ٿيڻ کان پوء انتظاميا کي جاڳ ٿيندي آھي.ھنن چيو ته پوري سنڌ جيان سکر ۾ به انتظاميا اگھور ننڊ ستل آھي.ھنن چيو ته گيس سليينڊر دماڪن ۾ مارجي ويل ماڻھن جو ازالو ٿيڻ گھرجي گيس سلينڊرن جا دڪان انھنن جي ايس او پيز تحت شھري آبادين کان ٻاھر ڪڍيا وڃن ٻئي سورت ۾ انتظاميا خلاف تحريڪ ھلائي ويندي.