سکر (بيورورپورٽ) جماعت اهلسنت قاسميه سکر پاران مرڪز اهلسنت جامع مسجد نبوي حنفيه مائيڪرو ٽاور سکر ۾ (محبت رسول صلي الله عليه وآله وسلم ڪانفرنس و دستار فضيلت

سکر : جماعت اهلسنت قاسميه سکر پاران مرڪز اهلسنت جامع مسجد نبوي حنفيه مائيڪرو ٽاور سکر ۾ (محبت رسول صلي الله عليه وآله وسلم ڪانفرنس و دستار فضيلت) حضرت قبله حافظ، پروفيسر المعروف مسڪين شاهه بادشاه سائیں منظور احمد جي صدارت هيٺ ٿي. ان ڪانفرنس ۾ ميان سيد منير احمد بادشاه، نائب بلبل سنڌ حافظ علي اڪبر قاسمي.پاڪستان سني تحريڪ جو صوبائي صدر حضرت مولانا نور احمد قاسمي، جانشين مفتي اعظم پاڪستان مفتي محمد ابراهيم قادري .مفتي عارف سعيدي ،پير سيد اعجاز شاھ,شير اهلسنت محمد رضوان قادري،مجاهد اہلسنت مشرف محمود قادري،پير سيد عطاء الرحمان قادري،ڊاڪٽر سيد احمد اعواڻ ،غياث الدين قادري،حافظ اسلم سلطاني، مولانا گلبهار سڪندري سميت ٻين عالمن ۽ مذهبي شخصيتن ۽ قاسميه مريدن ۽ عزادارن شرڪت ڪئي ۽ مدرسه مان فارغ التحصيل شاگرد حافظ محمد طاهر لاشاري قاسمي دستاربندي ڪرائي. ڪانفرنس خطاب ۾ عالمن ۽ مذهبي شخصيتن چيو ته الله ۽ ان جي رسول جي محبت اسان جو سڀ کان وڏو اثاثو آهي، اسلام جي پيغام کي عام ڪرڻ اسلام جي سڀ کان وڏي ضرورت آهي اسلام هڪ عالمگير مذهب آهي.اسان کي گهرجي ته اسان کي معاشري ۾ تعصب ۽ نفرت جي بجاءِ محبت، رواداري، بخشش ۽ رحمت جي جذبن کي فروغ ڏيڻ گهرجي ۽ حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي تعليمات تي عمل ڪرڻ گهرجي، ڪانفرنس جي پڄاڻي تي دعا ڪئي وئي.