سکر :جي قريشي ڳوٺ مان 22 ورهين جو نوجوان پراسرار طور گم ٿي ويو، وارثن جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل،ان سلسلي ۾ پراڻي سکر لڳ قريشي ڳوٺ جي رهوسي ميراڻي برادري جي اعجاز احمد ميراڻي پنهنجي ڀاءُ جي ڳولا لاءِ سکر پريس ڪلب ٻاهران ڀاء جي ڳولها ۾ پوليس ۽ ٻين کي اپيل ڪندي ٻڌايو آھي ته سندس 22 ورهين جو ڀاءُ فياض احمد ميراڻي ولد عبدالرحيم ميراڻي گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان گم آهي، سندس هر هنڌ ڳولا ڪئي آھي پر ڪٿان به ڌس پتو نه ملي سگهيو آهي، پوليس به کيس ڳولي نه سگهي آهي، ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.