سکر (بيورو رپورٽ) پاڪستان ميڊيا ڪونسل ضلع سکر جي وفد جي سکر پريس ڪلب فوٽو جرنلسٽ ڪيمرا مين ايسوسيئشن

سکر (بيورو رپورٽ) پاڪستان ميڊيا ڪونسل ضلع سکر جي وفد جي سکر پريس ڪلب فوٽو جرنلسٽ ڪيمرا مين ايسوسيئشن ۽ سيفما جي چونڊيل عھديدارن کي سکر پريس ڪلب پهچي مبارڪباد پيش ڪئي پاڪستان ميڊيا ڪونسل جي وفد ۾ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري حاجي محمد رياض کوکر، سياسي سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر سعيد اعواڻ،ضلع سکر جي صدر فضل الرحمن ڀٽو،نائب صدر ماجد محمود،جنرل سيڪريٽري نعيم اختر راجپوت،انفارميشن سيڪريٽري عمران مغل،آفيس سيڪريٽري ڪامران کوکر،عبدالنبي ابڙو، ۽ ٻيا شامل هئا وفد سکر پريس ڪلب جي فوٽو جرنلسٽ ايسوسيئشن ۽ سيفما جي ڪامياب ٿيل عھديدارن فوٽو جرنلسٽ ايسوسيئشن جي صدر قذافي شاھ،سينئر نائب اشفاق احمد کوسو،جنرل سيڪريٽري بلاول ڀٽي،خزانچي نعيم غوري،سيفما جي صدر صلاح الدين قريشي،جنرل سيڪريٽري فيصل آرائين،ايگزيڪٽيو ڪميٽي جي ميمبرن عمران شيخ،طفيل وسطڙو، سکر پريس ڪلب جي آفيس سيڪريٽري بخش علي ڦلپوٽو، ۽ ٻين کي گلن جا ھار پارائي مبارڪ باد پيش ڪندي نيڪ خواھشن جو اظھار ڪيو ان موقعي تي پاڪستان ميڊيا ڪونسل جي اڳواڻن چيو ته سکر پريس ڪلب فوٽو جرنلسٽ ايسوسيئشن جي صدر قذافي شاھ، سيفما جي صدر صلاح الدين قريشي، ۽ ٻين چونڊيل عھديدارن پنھنجي محنت سان اڄ سکر پريس ڪلب جو نالو روشن ڪيو آھي سکر پريس ڪلب ھن وقت غريب مظلوم ماڻھن جو آواز بڻجي انھن کي انصاف فراھم ڪرائڻ ۾ سڀ کان اڳ ۾ آھي ھنن چيو ته سکر پريس ڪلب جي مثال پوري پاڪستان۾ ملڻ مشڪل آھي پريس ڪلب جي دوستن جو پاڻ ۾ ٻڌي ڀائيچارو اسان سڀني صحافي برادري جي لاء ھڪ مثال آھي ڇو ته جيسيتائين اسان سڀ متحد ٿي ڪري ڪم نه ڪندا سين تيستائين اسان ڪاميابي حاصل نٿا ڪري سگھون ۽ اسان جو دشمن به ان مان فائدو حاصل ڪري سگھي ٿو حاجي محمد رياض کوکر،۽ ضلع صدر فضل الرحمن ڀٽو چيو ته اسان دعاگو آھيون ته سکر پريس ڪلب جا سڀئي دوست ان طرح هميشه ملي ڪري عوام جي خدمت ڪندا رھن ۽ غريب مظلوم عوام جو آواز بڻجي انھن کي انصاف فراھم ڪرائڻ ۾ پنھنجو ڪردار پوري ايمانداري سان ادا ڪندا رھن