سکر:جماعت اصلاح المسلمين پاڪستان سنڌ جي زير اهتمام حضرت خواجه خواجگان پير مٺا سائين رحمته الله عليه جي سالياني عرس مبارڪ جي انتظامن جي سلسلي ۾ درگاه عاليه فقير پور شريف ۾ منعقد ٿيل اجلاس کي صوبائي جنرل سيڪريٽري خليفي مخدوم محمد اعظم طاهري خطاب ڪندي فرمايو ته حضرت پير مٺا سائين عھد وفا ءَ، قربانيءَ انسان دوستيءَ جي خوبين جو درس ڏنو آهي، حضرت پير مٺا سائين خود احتسابي اور محاسبه نفس جي تعليم ۽ رهنمائي سان تعمير انسانيت ڪيائين ء پنھنجي فڪري ء روحاني ثمرات سان دعوت دين ڏنو. پير مٺا سائين جن هڪ هنڌ تي سڪونت اختيار نه ڪئي جتي جهالت جي اونداهي ڏٺائين، اتي ئي پنهنجو مسڪن ٽائيو. ان جي روحاني برڪت سان سڄو علائقو روحاني فيض سان مستفيض ٽيو. لکين ماڻهو دين کان پري، نفس ۽ شيطان جي ڄار ۾ ڦاٿل هئا ھن جي اصلاح ڪيئن اڄ جماعت اصلاح المسلمين پاڪستان پنھنجي قائد خواجه محمد طاهر المعروف سجڻ سائين جي سرپرستي ۾ حضرت پير مٺا سائين ء حضرت پير سوھنا سائين جي انسانيت جي ڀلائي ۽ اصلاح جو پيغام عام ڪري رهي آهي.. اجلاس ۾ صوبائي عھديدران ۽ معاونن، خليفن، عالمن، خادمين ۽ سمورن شعبن جي انچارج ۽ معاونن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ درگاهه عاليه فقير پور شريف ۾ منعقد ٿيندڙ عرس مبارڪ جي ماسٽر پلان کي حتمي شڪل ڏني وئي ۽ سمورن ذميوارن کي ذميواريون ڏنيون ويون. اجلاس ۾ مولانا سعيد احمد لاکير، خليفو مولانا محمد اشرف جتوئي، عبدالله کوکر، محمد اقبال سوهو، ڊاڪٽر سعيد اعواڻ، خليفي غضنفر جوکيو، خليفي نياز احمد راڄپر، خليفي مظفر قائم خاني، خالد رسول، طفيل احمد ابڙو، عبدالقادر عباسي، غلام نبي ميمڻ، عبدالمجيد آرائين، ابوبڪر بوزدار، امداد ڀنڊ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.