سکر :جي بس ٽرمينل لڳ قائم ڊينٽر پينٽر مڪينڪ ڪالوني ۾ پورهيت اسدالله کوسو پٽ هدايت الله کوسو کي ڊينٽنگ دوڪان تي ڪم دوران نامعلوم هٿياربندن پاران گوليون هڻي زخمي ڪرڻ واري واقعي بعد ۾ ڪاريگرن ۽ مزدورن ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي ڪالوني واسي عدم تحفظ جو شڪار۔ايس ايس پي سکر سميت لاڳاپيل اختيارن کان تحفظ ۽ نامعلوم حملو ڪندڙن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو سکر موٽر ورڪر آزاد پينل صدر نعيم مغل۔اڪرم مستوئي۔هدايت الله کوسو ان سلسلي ۾ سکر جي آباد ٿاڻي حد سکر جي مين بس ٽرمينل ڀرسان ديھ آباد جاڳير ۾ قائم ڊينٽر پينٽر مڪينڪ ڪالوني ۾ آچر ڏينهن شام جي وقت مستري اسد الله کوسو پهنجي دوڪان تي ڪم ڪري رهيو هو ته نامعلوم هٿيار بندن کيس گوليون هڻي زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا زخمي کي حرااسپتال سکر ۾ داخل ڪرايو ويو آھي۔واقعي جي حد ٿاڻي تي ايف آء آر به داخل ناهي ٿي۔جڏهن ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري ۽ ڪالوني واسين کي تحفظ ڏيڻ لاء ڪالوني جي مسترين سکر موٽر ورڪر آزاد پينل محمد نعيم مغل۔محمد اڪرم مستوئي۔هدايت الله کوسو ۔شھزاد کوکر۔عمران۔مشرف۔غلام حيدر ۽ ٻين زخمي اسد الله کوسو جي دوڪان ٻاهران احتجاج ڪندي چيو آھي ته اسان جي ڪالوني لاء ڪجھ سال اڳ پوليس چوڪي منظور ٿي هئي پر ان تي عمل نه ٿيو آھي سج لهڻ کانپوء مستري خوف ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا ڪالوني کي ديوار نه هجڻ ڪري ڏوهاري ۽ چور کلي عام وارداتون ڪري وڃن ٿا مظاهرين ڊي سي سکر۔ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو آھي ته ڊينٽر پينٽر۔مڪينڪ ڪالوني لاء منظور ٿيل پوليس چوڪي قائم ڪرڻ سميت اسدالله کوسو مٿان قاتلاڻي حملي ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪرائي ڪالوني کي چوديواري ڏياري مسترين ۾ پکڙيل خوف ختم ڪرايو وڃي۔