سکر : سماجی تنظیم لبيڪ سکر جي طرفان سرمائيدار اياز مهر جي آزادي جي خوشي ۾ ريلي ڪڍي وئي،

سکر : سماجی تنظیم لبيڪ سکر جي طرفان سرمائيدار اياز مهر جي آزادي جي خوشي ۾ ريلي ڪڍي وئي،لبيڪ سکر جي ضلع صدر، سليم جاگيراڻي، سرپرست اعلي محمد صديق چنڙ مهر، صادق مغيري ضلع سکر جي جنرل سيڪريٽري نويد احمد ميراڻي، گدا حسين ميراڻي، عرفان سومرو ۽ ٻين سرمائيدار اياز مهر جي باحفاظت گھر پهچڻ تي مائيڪرو ڪالوني کان پير مراد شاھ چونڪ تائين دهل شرنائن سان شاندار ريلي ڪڍي مٽهيايون ورهائيون خوشي جو اظهار ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته اياز مهر بهترين طبيعت جو مالڪ ۽ خوش مزاج انسان پڻ آهي جنهن جي گهر پهچڻ تي ڏاڍي خوشي ٿي آهي ڇو جو اهڙا سرمائيدار ملڪ جو اساسو آهن اساسن جي حفاظت ڪرڻ ملڪ جي ھر حفاظتي ادارن جو فرض آهي ته جيئن حفاظتي ۽ اسان جي پاڪستان جي معزز شخصيت جو پڻ تعفظ کي پڻ يقيني بڻايو وڃي ته جيئن اهڙا معاملا پيش هي نه اچن ،ياد رهي ته اياز مهر وڏوسرمائيدار آهي جيڪو ڪجھ ڏينهن کان پڻ گم هو.