سکر : سنڌهاءڪورٽ سکر بئنچ ۾ روهڙي واسي ڪاشف حسين قاضي پاران درگاهه بيدل بيڪس اوقاف کاتي جي حوالي ڪرڻ لاء درخواست داخل ڪرائي ڇڏي تفصيل موجب درخواستگذار ڪاشف حسين قاضي عدالت جي آعتي جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته درگاهه بيدل بيڪس جي گادي نشين جي معاملي تان پراڻي ڇڪتاڻ هلندڙ آهي ميلي جي تقريبون دوران ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي سکر جي سامهون جهيڙو ٿيو جنهن ڪري خوني ريزي جو امڪان آهي، درگاهون امن ڀائيچاري جو درس ڏين ٿيون اتي جهيڙن سبب دل آزاري ٿئي پئي، درگاهه بيدل بيڪس اوقاف کاتي جي حوالي ڪئي وڃي، درخواست ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ. اوقاف سيڪريٽري. ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر. ايس ايس پي سکر کي ڌر بڻايو آهي.