سکر :سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي ضلعي سکر پاران ڪنڊيارو پوليس جي مبينا زيادتين ۽ سماجي اڳواڻن سنڌونواز گهانگهرو۔حمز علي چانڊيو ۽ ٻين جي گرفتارين ۽ تشدد خلاف سکر پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، جڏهن ته مختلف سماجي، قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن مظاهرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي آرٽس برادري پڻ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ماجد علي ڏنور۔ربنواز ملاڻو۔ايڊوو ڪيٽ سندر چاچڙ۔بشير جسڪاڻي۔عرفان ملڪ ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته ڪنڊيارو پوليس بااثر وڊيرين جي چوڻ تي پرامن مظاهرو ڪندڙ سنڌو نواز گهانگهرو، حمز علي چانڊيو ۽ ٻين کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ڪارڪنن کي بنا جواز گرفتار ڪري تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، جيڪو سراسر ظلم ۽ زيادتي آهي.مظلوم ماڻھن جي حقن لاء آواز اٿاريندڙ سماجي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن مٿان مڪامي وڏيرن جي چوڻ تي ڪيسداخل ڪري حق ۽ سچ جي آواز کي دٻائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي آھي جيڪو عما انتهائي افسوس ناڪ آھي مظاهرين چيف جسٽس آف سنڌ هائي ڪورٽ سميت اعلي اختيارن کي اپيل ڪئي آھي ته سنڌو نواز گهانگهرو۔حمزا علي سميت ڪارڪنن مٿان داخل ڪيس ختم ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي۔