سکر سٽي (جاويد حميد قريشي) جي ميزباني ۾ گرلز هاءِ اسڪول ۾ جشن ميلاد النبي ﷺ تقريب ڪئي

سکر (جاويد حميد قريشي)سٽي جي ميزبانيء ھيٺ تعلقه سٽي جي اسڪولن وچ ۾ جشن عيد ميلاد النبي جي نسبت سان ھڪ شاندار تقريب گورنمينٽ گرلس ھائر سيڪنڊري اسڪول بئراج ڪالوني سکر ۾ ٿي گذري تقريب جا خاص مھمان عظيم اسڪالرحافظ شھاب الدين انڍڙ ڊائريڪٽر ايليمينٽري , سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن سکر ريجن سکر ھئا , ڪو چيف گيسٽ علم دوست آفيسر سيد صفدر علي شاه ھئا , اعزازي مھمانان گرامي ميڊم رخسانه لاشاري صاحبه تعلقه ايجوڪيشن آفيسر (عورت) تعلقه سکر سٽي ۽ خان محمد بگٽي تعلقه ايجوڪيشن آفيسر نيو تعلقه سکر ھئا ھن تقريب جي صدارت تعليم لاء درد دل رکندڙ آفيسر ۽ سماجي رھنما جاويد حميد قريشي تعلقه ايجوڪيشن آفيسر تعلقه سکر سٽي ڪئي ھن تقريب ۾ تعليم کاتي جي اعلي عملدارن لعل محمد تنيو , محمد حسن ٻرڙو ۽ ٻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي استادن سيد نديم حسين شاه ارشاد علي قريشي , شبير احمد شيخ , مشتاق علي لنڊ ۽ ٻين پڻ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي . پوگرام ۾ ٻارن جو ھڪ وڏو تعداد به شريڪ ٿيو ٻارن قرعت , نعت , تقريري ۽ ذھني آزامائش جي مقابلن ۾ حصو ورتو ۽ بھترين صلاحيتن ۽ ڪارڪردگيء جو مظاھرو ڪيو مقررن ٻارن جي ڪارڪردگيء جي تعريف ڪئي ۽ جاويدحميد قريشي تعلقه ايجوڪيشن آفيسر تعلقه سکر سٽي جي محنتن کي ساراھيو جاويد حميد قريشي مھمانن جا ٿورا مڃيا ۽ ٻارن کي انعام ڏياريا . ياد رھي ته جاويد حميد قريشيء جون تعليمي ترقيء لاء مثالي خدمتون آھن .