سکر: شھيد جان محمد مهر قتل ڪيس ۾ گرفتار 3 سهولتڪارن کي سخت پوليس پهري هيٺ عدالت پهچايو ويو

شهيد صحافي جان محمد مهر قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪيل ٽن سهولتڪار جوابدارن بخش علي عرف بخشو مهر، منور مهر ۽ بابر مهر کي سخت پوليس پهري هيٺ جيل کان عدالت پهچايو ويو ڪيس جي ٻڌڻي دوران فريادي ڌر جو وڪيل هاءِ ڪورٽ بار سکر جو صدر قربان ملاڻو دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ٿيا. ڪيس جي ٻڌڻي تي فريادي ڪرم الله مهر ۽ ڪيس جا گواهه عدالت ۾ پيش ٿيا ٻڌڻي دوران يونين آف جرنلسٽس جو صدر امداد بوزدار، سکر پريس ڪلب جو جنرل سيڪريٽري شهزاد تاباڻي، ڪورٽ رپورٽرز ايسوسيئيشن جو صدر سليم سهتو ۽ ٻيا صحافي پڻ عدالت ۾ پيش ٿيا سکر جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي اي ٽي سي ون جي جج عبدالرحمان قاضي ڪئي. عدالت طرفان پڇاڻو ڪيو ويو ته ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي هن مهل تائين گرفتار ڇو ناهي ڪيو ويو. عدالت طرفان ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي ملڪيتن جا تفصيل پڻ طلب ڪيا ويا ٻڌڻي دوران پوليس طرفان گرفتار سهولتڪار جوابدارن جي ريمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ جي استدعا ڪئي وئي. جنهن تي عدالت پوليس جي استدعا منظور ڪندي جوابدارن کي 14 ڏينهن لاءِ جيل موڪلڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 26 آڪٽوبر تائين مقرر ڪري ڇڏي ٻڌڻي کان پوءِ عدالت جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي وڪيل قربان ملاڻو چيو ته سکر جي دهشتگردي جي انت واري عدالت پوليس کي ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيس ۾ جي آئي ٽي جو نوٽيفڪيشن ۽ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، عدالت ڪيس جو چالان جمع ڪرائڻ لاء پوليس کي 14 ڏينهن جي مهلت ڏني آھي اميد آهي ته حتمي چالان پيش ٿيڻ بعد 60 کان 90 ڏينهن اندر ڪيس جو فيصلو اچي ويندو.