سکر : صوفي بزرگ حضرت سيد صدرالدين شاهه جو 744 هون عرس مبارڪ زائرين جي آمد سان شروع ٿي ويو، عرس جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ سڄي ملڪ مان زائرين روهڙي ۽ سکر پهچڻ شروع ٿي ويا ، تقريبون ٽن ڏينهن تائين جاري رهنديون.ان سلسلي ۾ سکر ۽ روهڙي جي ٻن شهرن جي وچ ۾ درياھ جي ٻيٽ ۾ واقع صوفي ڀزرگ سيد صدرالدين شاهه جي 744 هين عرس جي موقعي تي سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آھن جڏهن ته اوقاف کاتي سکر ڊويزن جي ايڊمنسٽريٽر ڊاڪٽر آفتاب حسين ٿهيم ۽ سيد مير يعقوب علي شاھ ، سيد صدر الدين شاه درگاه جي متولي درگاهه تي چادر چاڙهي عرس مبارڪ جو افتتاح ڪيو، عرس مبارڪ جون تقريبون ٽن ڏينهن تائين جاري رهنديون، ڏورانهن علائقن مان زائرين جا قافلا پهچڻ شروع ٿي ويا آهن، جن ۾ مرد، عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. جنهن ۾ سنڌ، پنجاب، بلوچستان، ڪي پي ڪي سميت سڄي ملڪ جي سلامتي، خوشحالي ۽ امن لاءِ خصوصي دعائون گهريون وينديون آهن ۽ درگاه تي ايندڙ زائرين مرد ۽ عورتون چادرون چاڙهي باسون باسيندا آهن. عرس مبارڪ جي موقعي تي زائرين جي سهولت لاءِ کاڌي پيتي جا اسٽال لڳايا ويا آهن، جڏهن ته کين فوري طبي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ ميڊيڪل ڪيمپ پڻ قائم ڪئي وئي آهي، سڪيورٽي جا پڻ سخت انتظام ڪيا ويا آهن ۽ ٻهراڙي جي شهرن روهڙي ۽ سکر ۽ درگاه جي چوڌاري سڪيورٽي گارڊ ۽ سي سي ڪيمرائن سميت 600 کان وڌيڪ سکر پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آھن ڪيمرا لڳايا ويا آهن، درگاه تي ايندڙ زائرين جو چوڻ آهي ته صوفي بزرگن جي پيغام کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي.