سکر: نيشنل پريس ڪلب جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي

سکر: نيشنل پريس ڪلب جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، گهوٽڪي يونين آف جرنلسٽس جو وفد پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل سيد اشرف شاهه جي اڳواڻي ۾ نيشنل پريس ڪلب پهتو.وفد ۾ شامل احسان ڪلوڙ ۽ آدم پتافي به شامل هئا جڏهن ته سهارا ويلفيئر ايسوسيئيشن جي چيئرمين حنا لاڙڪ پنهنجي ٽيم سان گڏ مبارڪباد ڏيڻ لاءِ پهچي وئي، ان موقعي تي نيشنل پريس ڪلب جو صدر امداد ڦلپوٽو، سينيئر نائب صدر رئوف عباسي، جوائنٽ سيڪريٽري شاهد سولنگي، آفيس سيڪريٽري شبير جوگي، سينيئر صحافي ساحل جوگي، عبدالحمید، محمد قاسم ملڪ ۽ ٻين ميمبرن کي گلن جا هار پارائي مبارک پڻ ڏني وئي ، ان موقعي تي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس سنڌ چيپٽر جي صدر سعيد جان بلوچ خاص طور تي شرڪت ڪئي، جنهن چيو ته نيشنل پريس ڪلب جي دوستن پاران چونڊون ڪرائڻ سان سکر ۾ صحافتي جمهوريت جو انقلاب آندو آهي ، سيد اشرف شاهه چيو ته اميد آهي ته نوان چونڊيل عهديدار صحافين جي ڀلائي ۽ ترقيءَ لاءِ ڪم ڪندا، ان موقعي تي سکر نيشنل پريس ڪلب جي صدر امداد ڦلپوٽو مهمانن جا ٿورا مڃيا ۽ شڪريو ادا ڪيو .