سکر : نيشنل پريس ڪلب نيوز/پنوعاقل جي ڳوٺ بچل ڌاريجو جي رهواسي عورتن ۽ مردن بااثر ماڻهن خلاف احتجاج ڪندي انصاف ۽ تحفظ جو مطالبو ڪيو، سکر نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي جاويد سومرو، الله ڏنو، احسان، خالد حسين، واجد، فيض محمد ۽ ٻين چيو ته اسان جي برادري جي بااثر ماڻهن ڪجھ ڏينھن اڳ رات جو اسان جي گهرن ۾ داخل ٿي اسان جي ٻارن، مردن ۽ عورتن کي تشدد جو نشانو بڻايو، جڏهن اسان پنوعاقل ٿاڻي تي پهتاسين ته پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران اسان کي ڌڪا ڏئي واپس ڪري ڇڏيو، ان کان پوءِ ٻيهر جوابدارن اسان جي گهرن تي حملو ڪري اسان جي عورتن ۽ مردن کي زخمي ڪري ڇڏيو، جيڪي هاڻي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن، مٿي ڄاڻايل جوابدارن خلاف پنوعاقل ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري، ان ڪري جوابدار اسان کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جن مان اسان جي زندگين کي خطرو آهي. اسان کي ڪجهه به ٿيو ته ذميوار پنوعاقل پوليس هوندي، هنن ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي سکر ۽ ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري کين تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.