سکر() ينگ اتعاد ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن سنڌو نواز گهانگهرو ۽ ٻين جي گرفتاري خلاف نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ۾ شريڪ ماجد، ثناءُ الله مهر، ياسين مهر، عبدالحميد شيخ، علي گل جوڳي ۽ ٻين چيو ته سنڌو نواز گهانگهرو ۽ حمز چانڊيو کي مظلومن جو آواز اٿارڻ تي گرفتار ڪيو ويو، پرامن احتجاج هر شهري جو آئيني حق آهي. جڏهن ته ڪنڊيارو پوليس پاران پرامن احتجاج ڪندڙن تي تشدد ڪيو ، سنڌ حڪومت سنڌو نواز جي گرفتاري جي ذميواري آهي ، اسان حڪمرانن کان پرزور مطالبو ڪيون ٿا ته ناانصافي جو سلسلو بند ڪري سنڌو نواز ۽ حمز چانڊيو کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي،